آءِ ايم ايف پيڪيج؛ پاڪستان لاءِ 45 ڪروڙ 20 لک ڊالر منظور

آءِ ايم ايف پيڪيج؛ پاڪستان لاءِ 45 ڪروڙ 20 لک ڊالر منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 45 ڪروڙ 20 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ پاڪستان جي اقتصادي ڪارڪردگي جو پهريون جائزو مڪمل ڪري ورتو. عالمي مالياتي بينڪ جي جائزي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي اقتصادي اصلاحات جو پروگرام صحيح رستي تي هلي رهيو آهي ۽ پاڪستاني انتظاميه جي پاليسي تي عمل درآمد سان معيشت مستحڪم ٿيڻ ۾ مدد ملي رهي آهي، مارڪيٽ مطابق ايڪسچينج ريٽ درست رهيو. آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ 45 ڪرور 20 لک ڊالرن قرض جي منظوري به ڏني. واضح رهي ته 3 جولاءِ تي آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ 3 سالن جي عرصي ۾ 6 ارب ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏني هئي. ياد رهي ته پاڪستان کي گذريل سال ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ رکيو ويو هو هلندڙ سال جي آڪٽومبر ۾ ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي پنهنجي گري لسٽ ۾ برقرار رکيو ۽ دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ مضبوط قدم کڻڻ لاءِ 4 مهينن جي مهلت ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو