ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدم شروع، جامع پلان طلب

ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدم شروع، جامع پلان طلب

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن.جيو نيوز موجب، وڏي وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ ٻوڏ متاثرين جي بحالي بابت هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ جامع پيڪيج جي طلب ڪندي، اربن يونٽ، بورڊ آف روينيو ۽ ٻين کاتن کي بحالي پيڪيج لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.مريم نواز متاثرين جي مسئلن تي همدردي سان غور ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ متاثرين جي بحالي پيڪيج ۾ امدادي فنڊ وڌائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته متاثرين جي بحالي بابت سروي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.اجلاس ۾ سروي لاءِ سڀ کان وڌيڪ شفاف طريقيڪار واضح ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته ڊجيٽل رڪارڊنگ پڻ هوندي، جنهن لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.اجلاس ۾، وڏي وزير ٻوڏ متاثرين جي بحالي پروگرام کي واضح ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو