پنجاب جي تريمو، بلوڪي، سڌنائي ۽ سليمانڪي ۾ اونچي ٻوڏ برقرار

پنجاب جي تريمو، بلوڪي، سڌنائي ۽ سليمانڪي ۾ اونچي ٻوڏ برقرار

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان جي فلڊ ڪميشن پاران جاري ڪيل ڊيٽا موجب پنجاب جي جهلم درياهه تي ٻوڏ جي صورتحال نارمل آهي. چناب جي خانڪي بيراج تي هلڪي، قادرآباد تي وچولي ۽ تريمو تي اونچي درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ٿي آهي. رپورٽ موجب راوي درياهه تي جسر بيراج وٽ گهٽ، شاهدره تي وچولي، بلوڪي ۽ سڌنائي تي هاءِ فلڊ رڪارڊ ٿيو آهي.ستلج درياهه تي گنڊا سنگهه والا تي رسائي ممڪن ناهي، سليمانڪي وٽ اونچي ۽ اسلام وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي. سنڌ ۾ گڏو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجز ۾ گهٽ” سطح جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي آهي پر پاڻي جي مقدار ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي. ياد رهي ته موسميات کاتي پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ايندڙ ٽن تائين تيز برسات جي اڳڪٿي به ڪئي آهي.تازي ڊيٽا ڏسڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو