تيانجن(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چين ۾ تيانجن يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ اتي پڙهندڙ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات ڪئي.چين ۾ تيانجن يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تيانجن يونيورسٽي ۾ 200 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد پڙهي رهيا آهن، جڏهن ته چين ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ ڪل 30,000 جي لڳ ڀڳ پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. چين ۾ پڙهندڙ پاڪستاني شاگرد ملڪ جا سفير آهن.هن چيو ته اهي شاگرد جديد تحقيق، جديد تعليم ۽ فني صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، پيشيور تربيت وقت جي ضرورت آهي، جڏهن ته 600 پاڪستاني زرعي گريجوئيٽس پڻ چين ۾ پنهنجي تربيت مڪمل ڪئي آهي.شهباز شريف چيو ته پاڪ چين دوستي باهمي اعتماد، احترام ۽ مخلص محبت تي ٻڌل آهي. هي دوستي هر آزمائش تي قائم رهي آهي. پاڪستان ۽ چين تاريخي ۽ ثقافتي طور تي ڳنڍيل آهن. پاڪستان مسلم دنيا جو پهريون ملڪ هو جنهن عوامي جمهوريه چين کي تسليم ڪيو.هن چيو ته چين جنهن طريقي سان پنهنجي ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو اهو دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. چين اڄ دنيا ۾ هڪ وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت آهي. صدر شي جن پنگ جي گڏيل خوشحالي جي خواب دنيا کي موهي ڇڏيو آهي. مشرق جي شاعر علامه محمد اقبال به هڪ صدي اڳ چين جي ترقي جي اڳڪٿي ڪئي هئي.










