ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ لائن لاسز جي بنياد تي بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف درخواست جي قابل قبوليت تي دليل طلب ڪري ورتا آهن.عدالت چيو ته اهو سچ آهي ته لوڊشيڊنگ جا مختلف سبب آهن، جن ۾ لائن لاسز به شامل آهن، ۽ جيڪڏهن گهٽي ۾ ڪو گهر پنهنجو بل ادا ڪري ٿو ته به ان کي غير ضروري طور تي پريشان ڪيو ويندو آهي.جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته جيڪي ماڻهو وقت تي بل ادا ڪن ٿا يا بجلي چوري نه ٿا ڪن انهن کي بجلي ملڻ گهرجي. ڪي-اليڪٽرڪ پري پيڊ ڪارڊ سسٽم ڇو نٿو لاڳو ڪري؟،عدالت ۾ ڪي-اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته پري پيڊ ڪارڊ سسٽم لاءِ پاليسي ٺاهڻي پوندي.عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪم اڄ کان شروع ٿئي ٿو ته 5 سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو، اهڙو نظام ٺاهيو جو صارف ڪارڊ کانسواءِ بجلي استعمال نه ڪري سگهن.ڪي-اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته اهي عدالت جي تجويز کي لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائيندا.










