ربيع الاول جي مهيني ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جو حڪم

ربيع الاول جي مهيني ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار چيو آهي ته ربيع الاول جي مهيني دوران صوبائي سطح تي غير معمولي سيڪيورٽي قدمن کي يقيني بنايو ويندو.ضياءُالحسن لنجار چيو ته نعت جون محفلون، اجتماع ۽ جلوسن جي لاءِ پوليس، رينجرز، ڊسٽرڪٽ ۽ زونز جي سطح تي غير معمولي سيڪيورٽي قدم کنيا ويندا، انهي حوالي سان عالم سڳورن، مشهور، سياسي، مذهبي شخصيتن کي باقاعده اعتماد ۾ ورتو ويندو.هن چيو ته ڪنٽي جينسي پلان تي عملدرآمد ۽ بين المسالڪ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. 12 ربيع الاول جي جلوسن جي اجتماع گاهن، گذر گاهن سميت ٻين اهم هنڌن تي ٽيڪنيڪل سوئپنگ ۽ ڪليئرنس کي 24 ڪلاڪ اڳ ئي مڪمل ڪيو ويندو. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته جلوسن جي گذرگاهن ۽ اجتماع گاهن تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي موجودگي سان گڏوگڏ پوليس اهلڪارن کي به خصوصي ذميواريون ڏنيون وينديون. سينٽرل پوليس آفيس ۾ قائم ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر سميت ٻين وائرليس ڪنٽرول رومز مان سمورين رينجز، ڊسٽرڪٽ ۽ زونز مستقبل رابطن جي قدمن کي يقيني بنائيندا.ضياءُالحسن لنجار وڌيڪ چيو ته جلوسن جي رستن تي پارڪنگ جي پابندي هوندي. گاڏيون مخصوص هنڌن تي بيهاريون وينديون. سول ڪپڙن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار نگراني تي مقرر ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو