اسلام آباد (بيورو رپورٽ)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ريٽرن جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.ايف بي آر جي اعلان موجب، سال 2025 جا ٽيڪس ريٽرن 26 آگسٽ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا.ايف بي آر ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته سيلز ٽيڪس جي واجبات مقرر تاريخ اندر ادا ڪيا وڃن.ياد رهي ته اڳ ۾ سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي ريٽرن جمع ڪرائڻ جي تاريخ 18 آگسٽ مقرر ڪئي وئي هئي. تاريخ ۾ واڌ جو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ، واجب الادا سيلز ٽيڪس فائل ڪرڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي.










