ميجر جي ڀاءُ کان ڦر، مزاحمت تي ڦورو کيس گوليون هڻي فرار

ميجر جي ڀاءُ کان ڦر، مزاحمت تي ڦورو کيس گوليون هڻي فرار

ڪشمور(ن س) اتر سنڌ ۾ بدامني جي باهه گهٽجي نه سگهي روزانو جي بنياد تي ڦرون ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا معموول بڻجي ويا آهن. جمعي ڏينهن ڪڇي ڪينال پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ راجا منور علي شيخ کي اڻ ڄاتل هٿياربند گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. هو روزگار تي وڃي رهيو هو ته گڊو نرسري (RD-17) وٽ حاجي باقي کوسو جي مِل سامھون کيس ڌاڙيلن روڪي ڦر ڪئي۽ مزاحمت تي سڌيون گوليون هڻي کيس مرڻينگ حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا. گڊو ۽ آسپاس ۾ علاج جون ناڪافي سهولتون هئڻ ڪري کيس رحيم يار خان علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو. راجا شيخ ميجر ڊاڪٽر محمد علي شيخ جو ڀاءُ آهي. علم دوست ميجر علي پاڪستان ميڊيڪل ڪور ۾ آهي هن وقت سندس پوسٽگ ملتان ۾ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو