حڪومت جو عوام تي پيٽروليم شين وسيلي بم حملو، قيمتن ۾ واڌ

حڪومت جو عوام تي پيٽروليم شين وسيلي بم حملو، قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 5.36 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، پيٽرول جي نئين قيمت 272.15 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا 37 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 284 رپيا 35 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽروليم شين جون نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويون آهن.ذريعن موجب، مٽي جي تيل جي قيمت ۾ 3.10 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 1.85 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پهرين جولاءِ تي پيٽرول جي قيمت ۾ 8.36 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي ۽ پهرين جولاءِ کان هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 10.39 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي. حڪومت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي برقرار رکي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي 74.51 رپيا في ليٽر تي برقرار آهي، جڏهن ته پيٽرول تي ليوي 75.52 رپيا في ليٽر تي برقرار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو