پشاور: (ويب ڊيسڪ)عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) فاٽا کي خيبر پختونخوا سان ضم ڪندڙ 25هين آئيني ترميم کي واپس وٺڻ جي ڪنهن به امڪاني ڪوشش جي سخت مخالفت ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن حيات آباد ۾ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر مرحوم عبداللطيف آفريدي جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي، اي اين پي جي مرڪزي صدر سينيٽر ايمل ولي خان زور ڀريو ته پارٽي 18هين ۽ 25هين آئيني ترميمن جي هر صورت ۾ ڀرپور انداز ۾ دفاع ڪندي. ان موقعي تي عبدالطيف آفريدي جي خاندان سميت ڪيترن ئي ماڻهن، جن جي اڳواڻي دانش آفريدي ڪئي، اي اين پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي پارٽي جو صوبائي صدر ميان افتخار حسين ۽ ٻيا عهديدار به موجود هئا. ايمل ولي ان موقعي تي چيو ته فاٽا جو انضمام اي اين پي لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل هو، جنهن جو مقصد ان علائقي ۾ ترقي ۽ جديديت آڻڻ هو. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حڪومت طرفان انهن علائقن جي ماڻهن سان ڪيل واعدا اڄ تائين پورا نه ڪيا ويا آهن. ايمل ولي چيو ته اڳوڻي فاٽا ۾ ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ علائقي جي قدرتي وسيلن تي ڪنٽرول آهي. هن چيو ته، “اهي وسيلا ته استعمال ڪيا پيا وڃن، پر مقامي ماڻهن کي ان مان ڪو به فائدو نٿو ملي، جنهن سبب اهي علائقا اڄ به پٺتي پيل آهن.” ايمل ولي وزيرستان جو مثال ڏنو، جتي چلغوزن جا باغ ته محفوظ آهن، پر اتي رهندڙ ماڻهو غير محفوظ آهن. هن زور ڏنو ته انساني تحفظ کي وسيلن جي تحفظ تي اوليت ملڻ گهرجي. اي اين پي اڳواڻ واضح ڪيو ته جيئن پارٽي 18هين ترميم جي خلاف سازشن کي ناڪام بڻايو، تيئن ئي 25هين آئيني ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ هجي يا ٻاهر، اي اين پي پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. ايمل ولي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف اي اين پي جي اصولي موقف کي ٻيهر ورجايو ۽ چيو ته قومي ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ئي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. هن سينيٽ چونڊن تي به تنقيد ڪندي چيو ته انهن جو نتيجو اڳواٽ طئي ٿيل لڳي ٿو ۽ اهو عمل غير آئيني آهي. ايمل ولي چيو ته اي اين پي کي رڳو هڪ ئي ريزرو سيٽ ڏني وئي آهي، ۽ جيڪڏهن ان سيٽ تان دستبردار ٿيڻ سان نظام ۾ بهتري اچي ٿي ته هو تيار آهن. هن صدر آصف علي زرداري جي استعيفيٰ ۽ 27هين ترميم جي ڳالهين کي عوام جو ردعمل جانچڻ لاءِ افواهه قرار ڏنو ۽ چيو ته هي عوام کي ڌوڪو ڏيڻ لاءِ هڪ حربو آهي. هن آئين جي حقن جي تحفظ، امن جي واڌاري ۽ خيبر پختونخوا جي ترقي لاءِ اي اين پي جي واعدي کي ٻيهر ورجايو. ايمل ولي چيو ته پارٽي اهڙي ڪنهن به قدم جي مخالفت ڪندي رهندي، جيڪو صوبي جي خودمختياري ۽ ان جي ماڻهن جي حقن کي نقصان پهچائي.










