پنجاب جي مختلف شهرن ۾ 4.4 شدت جي زلزلي جا جهٽڪا

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ 4.4 شدت جي زلزلي جا جهٽڪا

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي گادي واري شهر لاهور سميت گجرانوالا، قصور، اوڪاڙو، ننڪانه، شيخوپوره ۽ ٻين شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت 4.4 ريڪارڊ ڪئي وئي، ماڻهو ڪلمو پڙهندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.لاهور جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي شدت 4.4 ريڪارڊ ٿي، زلزلي جي اونهائي 14 ڪلوميٽر هئي ۽ مرڪز لاهور جي ڏکڻ اولهه ۾ هو. پنجاب جي شهرن جهڙوڪ قصور، اوڪاڙو، ننڪانه، شيخوپوره، مريدڪي، ڪامونڪي، ۽ گوجرانواله ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. ياد رهي ته تازو ڪجهه هفتن دوران ڪراچي ۾ لڳاتار زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، ان کان علاوه خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ به وقفي وقفي سان زلزلي جا جهٽڪا ايندا رهيا آهن. پنجاب ۾ زلزلا عام طور تي گهٽ محسوس ٿيندا آهن، پر هاڻوڪو زلزلي جو سلسلو صوبي جي ڪيترن ئي شهرن تائين پهتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو