’هر ملڪ بجيٽ ۾ اميرن بدران غريبن لاءِ رقم رکي‘

’هر ملڪ بجيٽ ۾ اميرن بدران غريبن لاءِ رقم رکي‘

ڄامشورو (ن س)جڏهن 41 ملڪن ۽ لڳ ڀڳ 150 شهرن ۾ مالي انصاف لاءِ عالمي سطح تي احتجاجي سرگرميون ٿي رهيون آهن، تڏهن ڄامشوري ۾ به هڪ اثرائتي گڏجاڻي ٿي، جتي عالمي ڏکڻ (Global South) جي ملڪن کي قرضن جي جڪڙ، ناانصافي واري مالياتي نظام، ۽ عوام دشمن بجيٽن بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. سوسائٽي فار وومين رائيٽس اينڊ ڊولپمينٽ (SWORD) جي ميزباني هيٺ ٿيل تقريب ۾ صحافين، شهري سماج جي نمائندن ۽ باشعور شهرين شرڪت ڪئي. هنن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي بجيٽن تي تنقيد ڪندي چيو ته اڪثر حڪومتون اميرن کي فائدو ڏيندڙ پاليسيون جوڙي رهيون آهن، جڏهن ته عام ماڻهن، پورهيتن، ۽ غريب طبقي لاءِ رليف جي کوٽ آهي. شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي بجيٽن ۾ ضروري شين، جهڙوڪ کاڌ خوراڪ، دوائن، تعليم ۽ بجلي تي ٽيڪسن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان مهانگائي وڌي آهي ۽ ماڻهن جي زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي وئي آهي. صحافي نعمت کوهارو چيو: “اها رڳو پاڪستان جي ڳالهه ناهي، دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ عوام دشمن بجيٽ پيش ڪيا ويا آهن. حڪومتون غريبن بدران اميرن کي بچائي رهيون آهن.” ڊاڪٽر بدر چنا، صدر سنڌ صوفي فورم، چيو: “ٽيڪسن جو هي نظام عالمي سطح تي به غير منصفاڻو آهي. هي نظام اميرن کي فائدو ڏئي ٿو ۽ غريبن کي سزا. هي انصاف نه آهي.” ڪاشف صديقي، ناويا ميگهواڙ، نذير بانو لاشاري، ۽ ساجده قاضي پڻ خطاب ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته ملڪن کي اهڙا بجيٽ پيش ڪرڻ گهرجن جيڪي ماڻهن جي بنيادي ضرورتن تي ڌيان ڏين، سماجي تحفظ کي وڌائين، ۽ آبهوا جي بحران کي سنجيدگي سان وٺن. SWORD جي نمائندي نذير قريشي چيو: “قرض وٺڻ جي عالمي پاليسين سبب نه صرف پاڪستان، پر ڪيترائي غريب ملڪ بحرانن جو شڪار آهن. هر نئين قرض سان غريب ماڻهن تي بار وڌي ٿو. اسان عالمي سطح تي قرضن جي معافي، ۽ ماڻهن تي سيڙپڪاري جي گهر ڪريون ٿا.” جئين ته فنانسنگ فار ڊولپمينٽ بابت چوٿين عالمي ڪانفرنس (FFD4) جاري آهي، تيئن پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان آواز اٿاريو پيو وڃي ته عالمي مالي نظام ۾ انصاف، شفافيت، ۽ انساني قدرن کي ترجيح ڏني وڃي. انصاف لاءِ فنڊنگ ضروري آهي ۽ اها هاڻ ئي شروع ٿيڻ گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو