ماهره خان سال جي خوبصورت ۽ پُرڪشش عورت قرار

ماهره خان سال جي خوبصورت ۽ پُرڪشش عورت قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ائين ته دنيا جي سڀ کان وڏي براعظم ايشيا ۾ خوبصورت، پرڪشش نظر ايندڙ عورتن جي ڪا به گهٽتائي پر ان باوجود برطانوي جريدي طرفان تيار ڪيل فهرست ۾ ايشيا جي 50 پُرڪشش عورتن ۾ ڪجهه پاڪستاني عورتن کي به شامل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ سپر اسٽار ماهره خان جو نالو سڀ کان اڳتي آهي. ايسٽرن آءِ نالي شوبز ميگزين طرفان هلندڙ سال ايشيا جي 50 پرڪشش عورتن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي جڏهن ته هن ڏهائي جي 50 پرڪشش عورتن جي فهرست به سامهون آئي آهي. فهرست ٺاهيندڙ ايڊيٽر اسجد نظير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ايشيا جي 5 پرڪشش عورتن جا نالا ڏنا آهن جنهن ۾ پاڪستاني اداڪاره ماهره خان چوٿين نمبر تي رهي. هن ڏهائي جي 5 پرڪشش عورتن جا نالا به ٻڌايا ۽ ان فهرست ۾ ماهره ٽئين پوزيشن وٺڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. ايشيا جي پرڪشش عورتن جو انتخاب، عوام جي ووٽن، ان جي ڪارڪردگي ۽ ميڊيا ڪوريج سميت ٻين شين جي بنياد تي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو