واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا سلامتي ڪائونسل کي ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل جو ايران تي حملو خود دفاع لاءِ ضروري آهي.آمريڪا چيو ته جيڪڏهن ايران آمريڪي شهرين، اڏن يا ٻين بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻايو ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا.سلامتي ڪائونسل کي ڏنل بيان ۾، آمريڪا چيو ته اهو يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو ته ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري.آمريڪا چيو ته ايراني قيادت لاءِ هن وقت ڳالهين ڪرڻ دانشمندي هوندي. آمريڪا کي اسرائيلي حملن جي اڳواٽ اطلاع ڏني وئي هئي، پر آمريڪا حملي ۾ ملوث نه هو.










