نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پارلياماني وفد گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي قائم مقام مستقل نمائندي ڊوروٿي شيا سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هندستان جو جارحاڻو رويو مهذب دنيا لاءِ ڪافي آهي ته هو پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪندي لکين ماڻهن کي سزا ڏيڻ چاهي ٿو.هن چيو ته بنا ڪنهن جاچ جي الزام لڳائڻ کان پوءِ پاڪستان تي حملو ڪرڻ پاڻ ۾ هڪ سواليه نشان آهي.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هندستان جي موقف کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ، اهو موقف واضح ۽ مختصر طور تي بيان ڪرڻ ڪافي آهي.ان کان اڳ، بلاول ڀٽو زرداري چين، روس، ڊينمارڪ، يونان، پاناما، صوماليا، الجيريا، گيانا، ڏکڻ ڪوريا، سيرا ليون ۽ سلووينيا جي سامهون به پاڪستان جو ڪيس پيش ڪيو هو.










