طفیل مگسیي
جيڪڏهن دنيا جي سياست هڪ سرڪس آهي ته اسرائيل جو نام نهاد جهموري پنڊال ان جو سڀ کان وڏو خيمو آهي ۔نيتن ياهو ان جا ڪرتب ڏيکاري ٿو۔چاڪاڻ ته هو ان جو جوڪر آهي۔جيڪو هر ڀيري تماشو ڏسندڙن کي رت ۾ وهنجاري ڪري تاڙين وڄرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو۔هو لعنتي محض سياستدان ناهي بلڪ بحران کي گهڙيندڙ به آهي۔جيئن نياپو کڻي ايندڙ خوشخبري به آڻيندو آهي۔مگر هو بيغيرت مصيبت جي موڪل وٺي پاڻ پهچي وڃي ٿو۔هن وقت اسرائيل ٽن قسمن جي باهين ۾ پڄري رهيو آهي۔هڪ غزه ۾ انساني بحران جي بٺي جنهن ۾ هزارين فلسطيني ٻارڻ طور تي سڙي چڪا آهن۔ٻي يورپي اتحادين جي ماٺار جيڪي هاڻي سفارتي هٿ نه بلڪ آگر کڻڻ لڳا آهن ۽ ٽين درين چڪتاڻ جنهن ۾ عدالت۔فوج ۽ ڳجها ادارا هڪ ٻيئي کي شڪ جي نظر سان ڏسي رهيا آهن۔جئين ڪو خانداني وليمو هجي ۽ سڀنن کي لڳي ته لوڻ ڪنهن ٻيئي وڌيڪ وڌو آهي۔نام نهاد نيتن ياهو اسرائيل کي اهڙي چڪڻ ۾ ڌڪي چڏيو آهي ته جتان کان يا ته هو پاڻ ٻڏندو يا سموري ملڪ کي ساڻ ڪري ٻوڙيندو۔ان جي سياست جو اصول بلڪل ساڌڙو آهي۔جيڪڏهن اوهان عوام کي ماني۔ڪپڙو ۽ گهر نٿا ڏئي سگهو ته انهن کي خوف ڏيو۔دشمن ڏيکاريو۽ جنگ تي موڪليو۔ اهي هٿيارن جي سوداگرن جو وزن رکن ٿا ۔جن جي لاء امن صرف نفعي جو نقصان هوندو آهي۔ نفسياتي نقط نظر سان ڏسو ته ان جي شخصيت ۾ هڪاهڙو مسيحا ڪمپليڪس لڪل آهي۔جيڪو هر بحران ۾ پاڻ کي اڪيلو چوٽڪاري وارو ثابت ڪرڻ چاهي ٿو۔فريڊ جي بقول اها اهڙي ڪيفيت آهي جنهن ۾ فرد پنهنجي ذات کي قوم کان بلند سمجهي ٿو ۽ هر فيصلو لاشعوري طور تي پنهنجي بقا کي قومي مفاد جو وڳي پهرائي ڪري ٿو۔نيتن ياهوجي هر قدم جي پڻيان هڪ لڪل پيغام آهي”مون کان سواء ڪجه نه بچندو“۔ ڪارل يونگ جي مطابق جڏهن ڪنهن شخص جو”پاچو“يعني ان جي دٻيل منفي شخصيت شعور تي حاوي ٿي وڃي ته هو پاڻ کي قوم جو آئينو سمجهڻ لڳندو آهي ۽ سموري رياست ان جي پاچي ۾ پوئڻ لڳندي آهي۔نيتن ياهو هاڻي نه صرف بحرانن سان کيڏي ٿو بلڪ انهن کي جنم به ڏيئي ٿو ته جيئن ان جو پاچو هر صبح وارين خبرن جي سرخين ۾ زنده رهي۔يورپ جا اهي ملڪ جيڪي ڪڏهن اسرائيل جي هر ظلم تي اک ٻوٽي مذهبي گناهن جو ڪفارو سمجهي ڪري خاموش ٿي ويندا هئا۔هاڻي کليل نموني ڳالهائي رهيا آهن۔جرمني جنهن جي ڌاموشي ڪڏهن هولوڪاسٽ جي ٻوجه هيٺان دٻيل هئي۔هينئر”ناقابل قبول ظلم“ جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي۔ڪينيڊا جهڙو نرم دل ملڪ به نيتن ياهو کي سخٿ نياپو موڪلي چڪو آهي۔فرانسيسي سفارتڪاري هاڻي زيتون جي ٽاري نه ٿوهر جو ٻوٽو بڻجي رهيو آهي۔هيڏانهن اسرائيل جي اندرين سياست جو عالم اهو آهي ته فوج۔عدالت ۽ ڳجها ادارا سڀ الڳ الڳ پاسي ڏانهن وڃي رهيا آهن۔ڄڻ شادي جو جلوس هجي ۽ گهوٽ جو گهوڙو ئي ڀڄي وڃي۔نيتن ياهو عدالت تي هٿ وجهڻ چاهي ٿو۔سيڪيورٽي ادارن تي دٻاء وجهي رهيو آهي ۽ هر اداري کي پنهنجي حق ۾ جهڪائڻ چاهي ٿو۔ڄڻ سمورو ملڪ سندس ذاتي لان هجي جنهن کي جڏهن وڻيس کوٽي ڪري جنگ جو ٻوٽو هڻي چڏي۔الفريڊ جي مطابق جن ماڻهن کي ننڍپڻ ۾ طاقت۔ڌيان يا اهميت جي کوٽ محسوس ٿيندي آهي۔اهي وڏا ٿي ڪري سموري دنيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي عادت ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا۔نيتن ياهو جي سياست انهيء نفسياتي خلا کان جنم وٺي ٿهر تنقيد کي غداري۔هر اختلاف کي دشمني ۽ هر سوال کي خطرو بڻائي ڪري پيش ڪرڻ سندن جي پراڻي خواهش آهي۔شايد اهوئي سبب آهي ته بحران ان جي لاء مسئلو ناهي۔هڪ ضرورت بڻجي چڪي آهي۔الفریڈ اڈلر کے مطابق جن افراد کو بچپن میں طاقت، توجہ یا اہمیت کی کمی محسوس ہوتی ہے، وہ بڑے ہو کر پوری دنیا کو کنٹرول کرنے کی لت میں مبتلا ہو جاتے ہیں۔ نیتن یاہو کی سیاست اسی نفسیاتی خلا سے جنم لیتی ہے۔ ہر تنقید کو غداری، ہر اختلاف کو دشمنی، اور ہر سوال کو خطرہ بنا کر پیش کرنا ان کی دیرینہ عادت ہے۔ شاید یہی وجہ ہے کہ بحران ان کے لیے مسئلہ نہیں، ایک ضرورت بن چکا ہے۔هاڻي سوال اهو آهي ته تماشو ڪيستائين رهندو؟ چا اسرائيل هڪ ڀيرو مڪمل غزه تي چڙهائي ڪندو ته جيئن پنهنجي عوام کي”ڪاميابي“ جو دلاسو ڏئي سگهي يا پوء عالمي دٻاء جي اڳيان هٿيار وجهي ڪري هو امن جي ميز تي ايندو۔جتي ان جي اقتدار جو ساه منجهي پوندو؟۔نهي صورتن ۾ نقصان اسرائيل جو آهي۔مگر شايد سڀ کان وڌيڪ نقصان ان جهموريت جو آهي۔جنهن تي اسرائيل سدائين فخر ڪندو هو۔نيتن ياهو جي مريضي دماغ ۾ شايد هاڻي قومي مفاد کان وڌيڪ ذاتي بقا جون گهنٽيون وڄي رهيون آهن۔هو ڄاڻي ٿو ته جيئن ئي جنگ رڪي۔ان جي خلاف ڪرپشن۔عدالتي سڌارن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزينجا ڪيس فائيلن کان ڪري ڪري عدالت ۾ اچي ويندا۔۔۔۽ عدالت اهو ادارو آهي۔جيڪو هينئر تائين سندس ڪنٽرول ۾ نه اچي سگهيو آهي۔ان ڪري هو جنگ چاهي ٿو۔بحران چاهي ٿو۔هڪ مستقل هنگامي حالت ته جيئن هن جي ڪرسي محفوظ رهي۔چاهي ملڪ سڙندو ئي چو نه رهي۔اهو هڪ۔اهڙو ليڊر آهي جيڪو قوم کي مسلسل ان دوکي ۾ رکڻ چاهي ٿو ته هر صبح دشمن دروازي تي آهي ۽ هر شام اسان کي ٻيهر ڊوڙي وڙهڻو آهي۔حالانڪ اصل دشمن هو پاڻ آهي جهن پنهنجي ئي ملڪ جي شهرين کي سياسي ورهاست۔فساد ۽ خوف ۾ مبتلا ڪري رکيو آهي۔نيتن ياهو جو هر ڏينهن هڪ نئين اسٽيج هوندي آهي ۽ هر رات هڪ نئون ڪوڙ۔مگر هاڻي ان ڊرامي جا تماشائي ٿڪجي چڪا آهن ۽ ايندڙ ڀيري جيڪڏهن پردو ڪريو ته شايد صرف ڪرسي خالي نه هجي بلڪ ان جي هيٺان فرش به دٻيل هجي!!!










