اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف آپريشن بنيان مرصوص دوران پاڪ فوج جي “غيرمعمولي بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت” جي واکاڻ ڪئي آهي. وزيراعظم، وفاقي وزيرن، ۽ آرمي چيف۽ هوائي فوج جي سربراهن سان گڏ، سيالڪوٽ جي پسروڙ ڪينٽ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي جوانن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته “پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج، جيڪا قوم جي اٽل عزم سان مضبوط هئي، مادرِ وطن جو بهادري سان دفاع ڪيو ۽ دشمن جي بزدلاڻي جارحيت کي فيصلائتو جواب ڏنو. تاريخ سدائين ياد رکندي ته ڪيئن چند ڪلاڪن اندر پاڪستان جي محافظن ڀارت جي بنا جواز حملي کي بي مثال درستگي ۽ عزم سان ختم ڪيو.” وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت ڄاڻي واڻي پهلگام واقعي جي پاڪستان جي غيرجانبدار جاچ جي آڇ کي قبول ڪرڻ کان پاسو ڪيو. “انهن وٽ ڪجهه به ثابت ڪرڻ لاءِ نه هو، ۽ ڪوڙو جواز، وڏائي ۽ تڪبر جي بنياد تي حملو شروع ڪيو، جنهن جو انهن کي تمام مناسب جواب مليو.”هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي “بي شرم جارحيت” جنهن ۾ بيگناهه شهرين، خاص ڪري ٻارن، عورتن ۽ بزرگن جي شهادت ٿي ۽ پوءِ انهن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ “اتهائي شرمناڪ” عمل آهي، جيڪو سمورن عالمي قانونن، اصولن ۽ اخلاقيات جي خلاف آهي.










