اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي، ڀارت، پاڪستان تي حملو ڪري گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 هيٺ اسانکي پنهنجي دفاع لاءِ قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو آهي، جنهن جو اسانکي قانوني طور حق حاصل آهي. هن اها ڳالهه ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ آيل سعودي عرب جي مملڪتي وزير خارجه عادل الجبير سان ملاقات دوران ڪيو. اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن علائقائي تڪرار گهٽائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ سعودي حڪومت جي سفارتي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي. سعودي عرب جي مملڪتي وزير پاڪستاني قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سعودي عرب ڏکڻ ايشيا جي موجوده صورتحال تي انتهائي ڳڻتي ۾ آهي. هن ٻيهر زور ڀريو ته سعودي عرب پاڪ-ڀارت تڪرار کي گهٽائڻ ۽ بين الاقوامي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشنيءَ ۾ حل ڪرڻ جي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم واضح ڪيو ته ڀارت جي بناجواز ۽ بنااشتعال وارين ڪاروائين پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل ڀڃڪڙي آهي، جيڪا علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي. هن ڀارت جي ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي ٿيل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، جن جي نتيجي ۾ ڪيترائي بيگناهه شهري، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، شهيد ٿيا ۽ ملڪيتن کي به نقصان پهتو.










