امرتسر (ويب ڊيسڪ)هندستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي دعويٰ ڪئي آهي ته اوڀر هندستاني رياست پنجاب ۾ امرتسر جي شري هرمندر صاحب علائقي ۾ مڪمل بليڪ آئوٽ لاڳو ڪيو ويو آهي،ڀارت نيوز ايجنسي جي مطابق، ضلعي انتظاميا شهرين کي گهرن ۾ رهڻ ۽ ٻاهرين بتيون بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هڪ ٻئي ڀارتي ميڊيا موجب، بليڪ آئوٽ سبب گولڊن ٽيمپل اوندهه ۾ ٻڏي ويو آهي.ٻئي طرف، ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته مشق کان پوءِ بتيون بحال ڪيون ويون آهن.ياد رهي ته پاڪستان گذريل رات ڀارتي جارحيت جو سخت جواب ڏنو.اڪستاني هوائي فوج رات جي اونداهي ۾ بيگناهه شهري آبادي کي ميزائل حملي ۾ نشانو بڻائيندڙ 5 ڀارتي جنگي جهازن کي ڪيرائي ڇڏيو.










