پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ايراني ڪوششن جي ڀليڪار

پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ايراني ڪوششن جي ڀليڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي ڇنڇر جي شام ٽيليفون تي ڳالھه ٻولهه ٿي، جنهن دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ايران جي آڇ کي ڀليڪار ڪيو آهي. 22 اپريل تي پهلگام ۾ ٿيل حملي ۾ 26 سياح، مارجي ويا هئا، جنهن کي سال 2000 کان وٺي تڪراري هماليائي علائقي ۾ سڀ کان وڏو هٿياربند حملو قرار ڏنو پيو وڃي. حملي جي ذميواري هڪ اڳ نه ڄاتل گروپ “دي ريزسٽنس فرنٽ” (TRF) طرفان قبول ڪرڻ جو دعويٰ ڪئي وئي آهي. هن واقعي کانپوءِ ٻنهي ايٽمي هٿيارن واري ملڪن هڪ ٻئي خلاف ڪيترائي سخت قدم کنيا، جن ۾ ڀارت طرفان خودمختيار طور تي اهم “انڊس واٽرز ٽريٽي” (IWT) معطل ڪرڻ ۽ پاڪستان طرفان ردعمل طور شملا معاهدي کي معطليءَ ۾ رکڻ ۽ ڀارتي اڏامن لاءِ پنهنجي هوائي حد بند ڪرڻ جا قدم کنيا ويا. ڀارت حملي ڪندڙن سان سرحد پار لاڳاپن جا اشارا ڏنا آهن، جڏهن ته پاڪستان پنهنجي ڪنهن به قسم جي مداخلت کي سختي سان رد ڪيو آهي. رپورٽ مطابق، وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر کي سرڪاري دعوت ٻيهر ورجائي ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ايران جي تياريءَ جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم وڌيڪ زور ڏنو ته پاڪستان علائقي ۾ امن چاهي ٿو ۽ جيڪڏهن ايران ان حوالي سان ڪو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ته اسلام آباد ان جو ڀليڪار ڪندو. ٻئي پاسي پرڏيهي آفيس جي بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به آچر ڏينهن پنهنجي چيني هم منصب ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (CPC) جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر وانگ يي سان ڳالهھ ٻول ڪئي. ڊار چيني وزير کي موجوده علائقائي صورتحال تي بريف ڪندي “ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن ۽ پاڪستان خلاف بي بنياد پروپيگنڊا” کي واضح طور رد ڪيو. چين جي مستقل ۽ غير متزلزل حمايت تي گہرائي سان ٿورائتو ٿيندي، ڊار ٻنهي ملڪن جي “پڪي دوستي” ۽ “هر موسمي اسٽريٽجڪ سهڪار واري ڀائيواري” جي گڏيل ويزن لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جي ٻيهر تصديق ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو