ڪشمور/ سکر/ خيرپور/ ڪراچي (نمائندن وٽان) سي سي آءِ مان ڪينال رٿا رد ڪرڻ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۽ لڳل ڌرڻن ۾ جشن جو ماحول آهي، وڪيل ۽ مختلف سياسي جماعتن جا ڪارڪن هڪٻئي کي ڪامياب پر امن جدوجهد تي مبارڪون ڏئي رهيا آهن. سنڌ ۾ ڌرڻن کي اڄ لڳاتار 11 هون ڏينهن آهي. سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي اڄ سنڌ جي عدالتن جو بائيڪاٽ جاري آهي، سٽي ڪورٽ ڪراچي جا دروازا سائلين لاءِ اڄ به بند ڪيا ويا آهن. وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت جي درخواست تي سي سي آءِ جو اجلاس 2 مئي بدران اڄ 28 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي. شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جا شڪر گذار آهيون جنهن جلد اجلاس گهرايو آهي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير جو چوڻ آهي ته اڄوڪي اجلاس ۾ تڪراري واهن جو ممعاملو حل ٿي ويندو جنهن بعد ڌرڻا به ختم ٿيندا. گذريل ڏينهن صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير ملاقات ڪري تفصيلي بريفنگ ڏني هئي جنهن بعد بعد صدر زرداري وزيراعظم سان جلد سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ چيو هو. ٻئي پاسي گڊز ترانسپورٽرز جو چوڻ آهي ته سندن 40 هزار گاڏيون ۽ ڪنٽينرز 11 ڏينهن کان روڊن تي ڦاٿل آهن، جنهن سبب اربين روپين جو نقصان کين ٿي چڪو آهي. بندرگاهن جو آپريشن شديد متاثر آهي، خام مال نه ملڻ سبب ڪيتريون ئي فيڪٽريون بند آهن. گڊز ٽرانسپورٽرزاڄ سومر تي 4 وڳي سي ايم هائوس سامهون احتجاج جو سڏ به ڏنو جيڪو ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ جي خاطري بعد ملتوي ڪري ڇڏيو. ڪينال مخالف گذرريل ڏينهن 27 اپريل تي وڪيلن جي آل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته ڪينال رد ٿيڻ تائين ڌرڻا جاري رهندا، آچر تي ٻٻرلوءِ ڌرڻي جو ڏهون ڏينهن هو ۽ 50 ڊگري جي قهرناڪ گرمي ۾ به وڪيلن تي تشدد خلاف سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ احتجاجي جلوس نڪرندا رهيا، مختلف هرن ۾ پوليس جي شيلنگ ۽ لٺبازي باوجود ڪارڪن سراپا احتجاج بڻيل رهيا. حسيب پنهور موجب ايڪشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ وڪيلن تي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا، سومر 28 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ عدالتي بائيڪاٽ ڪيو ويندو. جنهن ضلعي جي پوليس ڌرڻڻ تي تشدد ڪندي ان ضلعي جي ايس ايس پيز۽ ايس ايڇ اوز خلاف عدالتن مان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ ڪيس داخل ڪيا ويندا. اجلا ۾ ڪيل فيصلن بعد ڪراچي بار جي خزانچي حسيب پنهور فون تي سنڌيار کي ٻڌايو ته 2 مئي تي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ڪينال رد ٿيڻ جو واضح فيصلو نه ٿيو ته ريلوي لائين به بند ڪنداسين. هن ٻڌايو سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين شفقر راجپوت وڪيلن تي تشدد سبب گهرووزير ضيا لنجار جي بار جي ميمبر شپ معطل ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن گولا موڙ وٽ جاري ڪينال خلاف پرامن ڌرڻي تي پوليس ڪڙڪي پئي، فائرنگ، شيلنگ ۽ لٺبازي سبب ڪجهه ڪارڪن زخمي ٿي پيا. ملير ڪراچي، صالح پٽ، فيض گنج ۽ نئون ديرو مان ڪيمپون پوليس پٽرايون آهن، مورو سميت مختلف ڌرڻ جو پوليس گهيراءُ ڪيو آهي. ڪشمور ڌرڻي ۾ موجود اڳواڻ ظريت بجاراڻي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پوليس اسانجي هٿين خالي ۽ پر امن ڌرڻي تي ڪاهه ڪئي آهي جنهن جي اسين پرزور مذمت ڪريون ٿا. ظريت بجاراڻي سنڌيار سان فون تي ڳالهائيندي ٻڌايو سوين ماڻهو پهچي ويا آهن ۽ پوليس وڌيڪ نفري شڪارپور ۽ جيڪب آباد مان طلب ڪئي آهي ۽ هو وري ڌرڻي تي ڪاهه جي تياري ڪري رهيا آهن، اسين پوليس کي خبردار ٿا ڪريون ته هو اسانکي تشدد لاءِ مجبور نه ڪن.

Kahmore Gola Mor Dharno, Zuriat Bijarani
هن ڳوڙها گيس جا خالي شيل ۽ گولين جا خول به ڏيکاريا ۽ چيو ته پوليس جي شيلنگ سبب ڌرڻي لڳ سڪل گاهه جي ٻوٽن ۾ باهه لڳي وئي آهي ۽ اها باهه ڪجهه دوڪانن کي به وڪوڙي وئي آهي. اسين سنڌ جي جياپي جي جنگ لڙي رهيا آهيون، ڪا سياست نه پيا ڪريون پر وجود جي بقا جي پرامن طريقي سان جنگ پيا وڙهون، اسانجا سينا حاضر آهن، ڀلي گوليون هلايو اسانجا لاش هتان وڃي سگهن ٿا، هن قومي ڪاز خاطر شهادت قبول آهي. ڌرڻي تي پوليس جي ڪاهه بابت خبرون وائرل ٿيڻ بعد ڪافي تعداد ۾ سياسي پارٽين جا ڪارڪن ۽ عام ماڻهو ڌرڻي واري جاءِ تي پهچي ويا آهن. ٻئي پاسي ٻٻرلوءِ ڌرڻ جي اڳواڻ عامر نواز وڙائچ پوليس گردي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس قانون جي دائري ۾ رهي اسين هر فورم تي قانوني ڪاروائي ڪنداسين. هن سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته هو ٻٻرلوءِ ڌرڻي واري هنڌ گڏ ٿي پوليس کي اهو پيغام ڏنو وڃي ته اسين سنڌ جي جياپي جي جنگ پرامن طريقي سان وڙهي رهيا آهيون ۽ ڪينال رٿا رد ٿيڻ تائين پوئتي نه هٽنداسين. سندس اپيل بعد مختلف سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن جو وڏو انگ ٻٻرلوءِ پهچڻ شروع ٿي ويو آهي. هوڏانهن ڪراچي مان باغي ساگر پنهوار موجب گلشن حديد لڳ موٽر وي طرف ويندڙ لنڪ روڊ تي لڳل ڌرڻي تي پوليس ڪارڪن مٿان ڪڙڪي پئي ۽ لٺبازي ڪريٽن ڪارڪنن کي زخمي ڪري وڌو ۽ ڪجهه ڪارڪنن کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي.

Karachi, Dharno, Arrest
رت ڳاڙيندڙ هڪ ڪارڪن جي شرٽ ڦاڙي پوليس زورد موبائيل ۾ وڌو، هو دانهنو ٿو ڪري ته منهنجو مٿو ڦٽي پيو آهي اسپتال کڻي هلو پر پوليس کيس ٿاڻي تي کڻي وئي. ترقي پسند پارٽي جي جهنڊي واري هڪ ڪارڪن کي پوليس زمين تي ڪيرائي لٺيون وسائڻ شروع ڪيون ته ڪارڪن سخت گرمي ۾ بيهوش ٿي ويو. فيسبڪ تي وائرل ڪيل ويڊيو ۾ اهو منظر ڏسي سگهجي ٿو ۽ لٺبازي ڪندڙ پوليس اهلڪارن جا چهرا واضح نظر اچي سگهن ٿا. ٻٻرلوءِ مان بابر کوکرموجب، ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٻٻرلو ۾ ڏهين ڏينهن به ڌرڻو جوش ۽ جذبي سان جاري آهي، ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود آهن سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان ٻٻرلوء شهر جي مين چوڪ کان هائي وي تائين ريلي ڪڍي وڪيلن جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي وئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي ڪيتريون به سازشون ڪري مِڪر ڪري پر سنڌي قوم حڪومت جي سمورين سازشن کي ناڪام بڻائي پنهنجي پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکندي. هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس تشدد ۽ گوليون هلائڻ مان ظاهر آهي ته پيپلز پارٽي سنڌي قوم جي پرامن جمهوري جدوجهد کي پرتشدد بڻائي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي سازش ڪري رهي آهي. هن چيو ته طاقت جي ذريعي پر امن ڌرڻي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا خوفناڪ نتيجا نڪرندا. هن چيو ته هي ڌرڻو هاڻي رڳو وڪيلن جو ناهي پر سنڌ جي سمورن ماڻهن جو آهي هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي سي سي آئي واري ڊراميبازي ناڪام ٿيڻ کانپوءِ هاڻي پيپلز پارٽي ضيائي جبر استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي پيپلز پارٽي پرامن احتجاجن تي تشدد ڪرڻ کان اڳ ۾ ضياءَ سان ٿيل حشر ڏسي وٺي سنڌي قوم ڪنهن به آمر جابر کي برداشت نه ڪندي بلاول شهباز سرڪار جي جمهوريت دشمن،ملڪ ۽ عوام دشمن پاليسين خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي ته هن وقت ملڪ ۾ ڪمپني سرڪار جو راڄ قائم آهي ايس آئي ايف سي جي اداري کي آئين ۽ قانون کان مٿانهون بڻائي ملڪ جون زمينون ۽ وسيلا نيلام ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته ڇهه نون ڪئنالن کي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي الاٽ ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ فوري طور جاري ڪيو وڃي ۽ ڪمپنين کي الاٽ ڪيل زمين واپس وٺي مقامي بي زمين هارين ۽ مزدورن کي ڏني وڃي سنڌي ته ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌ جو ٻچو ٻچو جدوجهد جي ميدان تي آهي پيپلز پارٽي سنڌي قوم تي تشدد ڪرڻ بدران ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي فوري طور ختم ڪري گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيءَ کي الاٽ ڪيل سنڌ جي زمينن جي الاٽمينٽ فوري طور رد ڪئي وڃي.










