بنون ۾ 6 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، 4 زخمي

بنون ۾ 6 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، 4 زخمي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بنون ۾ سيڪورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 6 خارجي دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. فوجي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان م ٻڌايو ويو آهي ته “ڪارروائي دوران سيڪورٽي فورسز خارجي دهشتگردن جي ٺڪاڻي تي مؤثر طريقي سان حملو ڪيو، ۽ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 6 خارجي مارجي ويا ۽ چار ٻيا زخمي ٿيا”.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته علائقي مان باقي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سڃاڻپ ۽ صفائي جي ڪارروائي جاري آهي. “پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.” گذريل سال دوران پاڪستان خاص طور تي خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌارو ڏٺو ويو آهي، جڏهن کان پابندي شده تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) نومبر 2022 ۾ حڪومت سان جنگبندي ختم ڪئي هئي. مارچ ۾ جنگجو تشدد ۽ سيڪيورٽي ڪاررواين ۾ تيزي آئي، جڏهن ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي رپورٽ موجب، دهشتگرد حملا 100 کان وڌي ويا، اها واڌ نومبر 2014 کانپوءِ پهريون ڀيرو وڌي آهي. عالمي دهشتگردي انڊيڪس 2025 ۾ پاڪستان ٻئي نمبر تي رهيو، جتي دهشتگرد حملن ۾ ٿيل موتن جو تعداد گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 45 سيڪڙو وڌي 1,081 ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو