پوپ فرانسس جون آخرون رسمون ڇنڇر تي ادا ڪيون وينديون

پوپ فرانسس جون آخرون رسمون ڇنڇر تي ادا ڪيون وينديون

ويٽيڪن سٽي: (ويب ڊيسڪ) عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس جون آخري رسمون ڇنڇر تي ادا ڪيون وينديون جن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ خاتول اول کان علاوه ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪندا.قطر جي خابرو اداري موجب ويٽيڪن سٽي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته پوپ فرانسس جون آخري رسمون ڇنڇر 26 اپريل تي صبح جو 10 وڳي سينٽ پينٽرز بيسليڪا ۾ ادا ڪيون وينديون.اميگريشن جي حوالي سان پوپ سان ڪيترائي ڀيرا تڪرارن جو شڪار رهندڙ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ۽ سندس گهر واري پوپ جي آخري رسمن ۾ شرڪت جي لاءِ روم ويندا.رپورٽ موجب فرانسس جي اباڻي ملڪ ارجنٽائين جي صدر جويئر ملي، برازيل جو صدر ٽوٽيز اناسيو ڊي سلوا ۽ يوڪرين جو صدر ولاديمير زيلسنڪي به پوپ جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو.ويٽيڪن طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته پوپ فرانسس جو تابوت ڪارڊينلز سان گڏ هڪ جلوس جي شڪل ۾ اربع جي صبح 9 وڳي پوپ جي رهائشگاهه سانتا مارٽا جي چيپل تان سينٽ پيٽر بيسليڪا منتقل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو