ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڪنگز 19.3 اوورن م گهربل اسڪور 148 رنز ٺاهي ٻن وڪيٽن تان پشاور کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. حسن علي وننگ اسٽروڪ هڻي چوڪو هنيو ۽ 4 رنز کي گهربل هيون. ٽم سائفرٽ ۽ ديوڊ وارنر اننگ شروع ڪئي ته ليوڪ ووڊ جي پهرين بال تي ٽم سائفرٽ ايل بي ڊبليو ٿي ويو، جيمز ونس 2 ڇوڪن جي مدد سان 9 بالن تي 11 رنز ٺاهي ليوڪ ووڊ جي بال تي ڪيپر حارث هٿان ڪيچ ٿي ويو ۽ ڪراچي جون 19 تي 2وڪيٽون ڪري پيون. جنهن بعد نوجوان بيٽر سعد بيگ وارنر جو ساٿ ڏيڻ آيو. جنهن ٻن چوڪن جي مدد سان 8 بالن تي 9 رنز ٺاهيون ته علي رضا کيس بولڊ ڪيو. جنهن بعد ڪپتان جو ساٿ ڏيڻ عرفان نيازي آيو ۽ هنن ٻنهي ٽيم جو اسڪور ففٽي کان ٽپايو. نيازي 16 بالن تي 10 رنز ٺاهي علي رضا جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿي ويو. محمد نبي اننگ جو هيستائين واحد ڇڪوصائم ايوب کي هنيو ۽ 11 بالن تي 14 رنز ٺاهي عارف يعقوب جي بال تي عبدالصمد هٿان ڪيچ ٿي ويو. 89 تي ڪراچي جا 5 آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد خوشدل شاهه آيو. ڊيوڊ وارنر 39 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ 17 هين اوور ۾ ليوڪ ووڊ جي بال تي 8 چوڪن جي مدد سان 47 بالن تي 60 رنز ٺاهي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد عباس آفريدي 2 رنز ٺاهي الزاري جوزف جي بال تي ڪيڊمور هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد عامر جمال آيو جنهن کي 19 هين اوور جي پهرين بال تي علي رضا ايل بي ڊبليو ڪيو. آخري اوور ۾ 9 رنز گهربل هيون حسين طلعت کي پهرين بال تي خوشدل چوڪو هنيو ۽ سنگل ورتي بعد م. 4 بالن تي 4 رنز کپن پيون. پي ايس ايل جو يارهون ميچ اڄ پشاور زلمي ۽ ڪراچي ڪنگز ۾ ڪراچي ۾ کيڏيو پيو وڃي. ڊيوڊ وارنر ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي کٽڻ لاءِ 148 رنس جو هدف ڏنو آهي. پشاور زلمي پهرين کيڏندي مقرر 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون. بابر اعظم 46، محمد حارث 28 رنس ٺاهيا۔ الزاري جوزف 24 ۽ حسين طلعت 18 رنسون ٺاهيون. صائم ايوب 4، ٽام ڪوهلر ڪيڊمور 7، مچل اوون 5، عبدالصمد ۽ ليوڪ ووڊ ٻه ٻه ۽ عارف يعقوب هڪ رن ٺاهي. ڪراچي ڪنگز طرفان خوشدل شاهه ۽ عباس آفريدي ٽي ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون. مير حمزه ۽ عامر جمال هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. حسن علي سڀني کان وڌيڪ 33 رنز ڏنيون پر وڪيٽ کيس نه ملي.










