راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) لاهور قلندر 19.2 اوورن ۾ 139 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. جيسن هولڊر 4 اوورن ۾ 26 رن ڏئي 4 ۽ شاداب 3.2 اوورز ۾ 25 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. عماد، نسيم ۽ رلي ميرڊٿ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پي ايس ايل جي شاندار افتتاح بعد پهريون ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ کيڏيو پيو وڃي. اسلام آباد ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. لاهور پاران فخر الزمان ۽ محمد نعيم بيٽنگ شروع ڪئي. نعيم پهريون ڀيرو پي ايس ايل کيڏي رهيو آهي. اسلام آباد پاران پهريون اوور نسيم شاهه ڪرايو. ٻيو اوور آسٽريليا مان آيل ميريڊٿ ڪرايو ۽ نعيم جو ڪيچ بائونڊري تي نسيم شاهه ڊراپ ڪيو پر ساڳئي اوور ۾ هن فخر کي ڪيپر اعظم خان هٿان ڪيچ ڪرايو ۽ 4 رنز جي مجموعي اسڪور تي پهرين وڪيٽ ڪري. جنهن بعد عبدالله شفيق آيو. ٻئي وڪيٽ 30 جي اسڪور تي پنجين اوور ۾ ڪري جڏهن ميچ جو پهريون ڇڪو هڻندڙ نعيم ڪيپر هٿان جيسن هولڊر جي بال تي ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد ڊيرل مچل به 13 رنز ٺاهي واپس موٽيو. کيس عماد جي بال تي شاداب ڪيچ ڪيو. چوٿين وڪيٽ سيم بليسنگ جي هئي جيڪو زيرو تي شاداب جي بال تي سلمان آغا هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد سڪندر رضا 23 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي شهزاد هٿان ڪيچ ٿيو. جهانداد به هولڊر جي بال تي بريسويل هٿان زيرو تي ڪيچ ٿيو. ان بعد ٻئي بال تي جيسن هولڊر ڊيوڊ ويزي کي يارڪر هني زيرو تي بولڊ ڪيو ۽ هيٽ ترڪ چانس حاصل ڪيو پر هيٽ ٽرڪ نه ڪري سگهيو. 15 اوورن ۾ 95 تي 7 آئوٽ ٿي چڪا هئا. 16هين اوور جي پهرين بال تي عبدالله شفيق نسيم شاهه چوڪو هڻي 30 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. ٻئي بال تي به چوڪو هنيو، ٽيون بال وائيڊڪيو جيڪو ڪيپر به پڪڙي نه سگهيو ۽ 5 رنز لاهور کي مليون. 17 هين اوور ۾ جيسن هولڊر شاهين آفريدي سلو بال تي بولڊ ڪري ٽيون شڪار ڪيو. 19هين اوور جي پهرين بال تي نسيم شاهه عبدالله شفيق 38 بالن تي 66 رنسون ٺاهي ڪولن منرو هٿان ڪيچ ٿيو. آخري اوور شاداب ڪرايو ۽ حارث رئوف کي اسٽمپ آئوٽ ڪيو.










