ٽي ٽوئنٽي بعد ون ڊي سيريز ۾ به پاڪستان کي شڪست

ٽي ٽوئنٽي بعد ون ڊي سيريز ۾ به پاڪستان کي شڪست

هيملٽن(ويب ڊيسڪ)ٽي توئنٽي بعد ون ڊي سيريز ۾ به نيوزيلينڊ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.ٻئي ون ڊي ميچ ۾ نيوزي لينڊ پاڪستان کي 84 رنسن سان هارائي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. هيملٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ 293 رنسن جي هدف جو تعاقب ڪندي پاڪستان بدترين شروعات ڪئي ۽ صرف 32 رنسن تي سندس اڌ ٽيم پويلين موٽي وئي. عبدالله شفيق ۽ بابر اعظم هڪ، هڪ، امام الحق 3، ڪپتان محمد رضوان 5 ۽ سلمان آغا 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. جتي پاڪستان جا ست رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا، اتي آل رائونڊر فهيم اشرف 73 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪجهه سهارو ڏنو، پر سندس اها اننگز ٽيم جي ڪاميابي لاءِ ڪافي ثابت نه ٿي. حارث رؤف جي 3 رنسن تي رٽائرڊ هرٽ ٿيڻ کانپوءِ سندس جاءِ تي بيٽنگ ڪرڻ ايندڙ نسيم شاهه به بهادري سان کيڏيو ۽ پاڪستان کي 200 رنسن کان مٿي وٺي وڃڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي 51 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. پاڪستان جي پوري ٽيم 42هين اوور ۾ 208 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ۽ نيوزي لينڊ مسلسل ٻيو ميچ کٽي ورتو. مخالف ٽيم جي بين سيئرز شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته جيڪب ڊفي 3، وِل اوروڪ ۽ نيٿن اسمٿ هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ان کان اڳ، ميزبان نيوزي لينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 292 رنسون ٺاهيون. ڪيوي اوپنرز ٽيم کي 54 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي، جنهن کانپوءِ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرڻ لڳيون، پر ستين نمبر تي بيٽنگ لاءِ ايندڙ وڪٽ ڪيپر بيٽر مچل هي پنهنجي ٽيم لاءِ وڏو هدف مقرر ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ 78 بالن تي 99 رنسن جي شاندار ناقابل شڪست اننگز کيڏي. ان کان علاوه، پاڪستاني نزاد محمد عباس 41 رنسون ٺاهي ٻيو نمايان بيٽسمين رهيو. ٻين بيٽسمينن ۾ ريس ماريئو 18، نڪ ڪيلي 31، هينري نڪولس 22، ڊيرل مچل 18، ڪپتان مائيڪل بريسويل 17، نيٿن اسمٿ 8 ۽ بين سيئرز 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان جي محمد وسيم ۽ صفيان مقيم 2، 2 جڏهن ته فهيم اشرف، عاقف جاويد ۽ حارث رؤف هڪ، هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو