نيوزيلينڊ جي دوران لاءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان

نيوزيلينڊ جي دوران لاءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڱاري تي نيوزي لينڊ جي ايندڙ دوري لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سلمان علي آغا کي ٽي 20 انٽرنيشنل ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ون ڊي انٽرنيشنل (او ڊي آءِ) ڪپتان محمد رضوان ان فارميٽ ۾ اسڪواڊ جي اڳواڻي جاري رکندو. پاڪستان دوري دوران پنج ٽي 20 ۽ ٽي ون ڊي ميچ کيڏندو. ٽيم جو اعلان قومي ٽيم جي جاري آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2025 ۾ خراب ڪارڪردگي تي ٿيندڙ وڏي تنقيد دوران ڪيو ويو آهي.

Photo PCB

پهنجو تبصرو موڪليو