يوٽيليٽي اسٽورز مان برطرفين خلاف سومر تي احتجاج جو اعلان

يوٽيليٽي اسٽورز مان برطرفين خلاف سومر تي احتجاج جو اعلان

اسلام آباد(بيوو رپورٽ) يوٽيليٽي اسٽورزڪارپوريشن ورڪرز يونين ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ 3 هزار ملازمن جي برطرفي خلاف سومر تي سڃي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. ورڪرز يونين جي جنرل سيڪريٽري راجا مسڪين يونين جي اڳواڻڻ کي هدايت ڪئي ته اسلام آباد راولپنڊي جا ورڪر اسلام آباد ۾ هيد آفيصس ٻاهران احتجاج ڪندا جڏهن ته باقي زونز ۽ ريجن وارا پنهنجي پنهنجي علائقائي آفيسن ٻاهران احتجاج ڪن. هن چيو ته حڪومت موڪل جي ڏينهن برطرفي جا حڪم جاري ڪري غريبن ملازمن جو معاشي قتل ڪيو آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڊيلي ويجز وارن کي برطرف ڪيو ويو آهي، ٻئي مرحلي م ڪانٽريڪٽ وارن ۽ خر ۾ پڪن ملازمن کي ڪڍڻ جي حڪومت تياري ڪئي آهي. هن چيو ته اسين وڪيلن سان مشورو ڪري رهيا آهيون ۽ برطرفي کي اين آءِ آر سي م چيلينج ڪنداسين ۽ سڄي ملڪ ۾ احتجاج به ڪنداسين. ياد رهي ته 1971 ۾ اسٽاف ويلفيئر لاءِ کوليل 20 اسٽورز جو سلسلو بعد ۾ وڌندو ويو ۽ هن وقت عام مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ کاڏي پيٽي جون شيون غريبن کي سستي اگهه تي فراهم ڪرن لاءِ پوري ملڪ ۾ 4 هزار کان مٿي اسٽور قائم آهن. وفاقي حڪومت خر گهٽائڻ ۽ رائيٽ سائيزنگ جي نالي تي گھزريل سال 16 آگسٽ تي وزيراعظم جي صدارت م ٿيل اجلاس ۾ مرحليوار يوٽيليٽي اسٽورز بند ڪرڻ ۽ ان کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. حڪومت غير ضروري ڪاروبار ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو