اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪ فوج جي ميڊيا ونگ موجب ڇنڇر تي خيبرپختونخواهه ۾ ٻن مختلف انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز (آئي بي اوز) ۾ 4 جوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته 15 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪستان ۾ تازو ئي دهشتگردي جي سرگرمين ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي، خاص ڪري ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾. گذريل ٻن سالن کان ملڪ ۾ دهشتگرد حملن ۾ اضافو ٿيو آهي. جڏهن کان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) 2022 ۾ حڪومت سان جنگبندي جو معاهدو ختم ڪيو هو. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پهريون آءِ بي او ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جي جنرل علائقي هٿالا ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز مؤثر طريقي سان دهشتگردن کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽس سميت 9 دهشتگرد مارجي ويا. انهن ۾ رنگ ليڊر فرمان عرف ثاقب، خارجي امان الله عرف طوري، خارجي سعيد عرف لياقت ۽ خارجي بلال شامل آهن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هئا. بيان موجب ٻيو IBO اتر وزيرستان جي ضلعي ميرانشاه جي عام علائقي ۾ ڪيو ويو جتي 6 وڌيڪ دهشتگردن کي ”سڪيورٽي فورسز موثر طريقي سان ختم ڪري ڇڏيو“. آءِ ايس پي آر جو موجب فائرنگ جي شديد تبادلي دوران لاهور جو رهواسي 21 سالن جي ليفٽيننٽ محمد حسان اشرف پنهنجي سپاهين جي اڳيان اڳيان پيش قدمي ڪندي بهادري سان وڙهندي پنهنجي ٽن جوانن سميت شهيد ٿي ويو. ”جن ٽن سپاهين آخري قرباني ڏني انهن ۾ ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جو رهواسي 39 ورهين جو نائب صوبيدار محمد بلال، لڪي مروت ضلعي جو رهواسي 27 ورهين جو سپاهي فرحت الله ۽ مومند ضلعي جو رهواسي 29 ورهين جو سپاهي همت خان شامل آهن. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو پيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ شهيدن جي قربانين جي واکاڻ ڪندي سندن جذبي کي خراج پيس ڪيو آهي.هنن چيو ته قوم فوج جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.










