پي ٽي آءِ جو احتجاج، اسلام آباد، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ قلم 144 لاڳو

پي ٽي آءِ جو احتجاج، اسلام آباد، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ قلم 144 لاڳو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت پنجاب ۽ بلوچستان جي اڪثر وڏن شهرن ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. گذريل سال عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڇلي خلاف پهرين ورسي جي موقعي تي يعني اڄ 8 فيبروري ڇنڇر تي پي ٽي آءِ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ڪي پي حڪومت پاران صوابي ۾ جلسي جو اعلان به ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ پنجاب پاران لاهور ۾ مينار پاڪستان تي جلسي لاءِ اڳ ۾ ڊي سي لاهور ۽ بعد ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي جيڪا رد ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ پنجاب ڀر ۾ اڄ ڇنڇر تي اهجھتجاجي جلوسن جي ڪال ڏني هئي. ريڊيو پاڪستان جي خبر موجب اسلام آباد، پنجاب ۽ بلوچستان م قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو