بشريٰ جي هڪ ۽ خان جي 6 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ

بشريٰ جي هڪ ۽ خان جي 6 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جعلي رسيد ۽ پي ٽي آءِ احتجاج دوران داخل ٿيل ڇهن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني جي 6 ۽ بشري بي بي جي هڪ هڪ ڪيس جي عبوري ضمانت ۾ 11 فيبروري تائين واڌ ڪئي وئي.پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي جي طرفان وڪيل انصار ڪياني ۽ شمسه ڪياني اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا جي عدالت ۾ پيش ٿيا.وڪيل انصار ڪياني چيو ته بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا ملڻ کان پوءِ گرفتار آهي، کيس حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي، هوءَ اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، سندس حاضري وڊيو لنڪ ذريعي ڪئي وڃي.جج افضل مجوڪا چيو ته مان اڄ پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيسن ۾ مصروف آهيان، تنهن ڪري اڄ ڪجهه به نه چوندس، حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي.عدالت پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت جي درخواست ۾ 11 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو