راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي ژوب ۾ افغانستان کان دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 6 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته 22/23 جنوري جي رات پرڏيهي دهشتگردن جو هڪ گروپ پاڪستان-افغان سرحد تان درانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ژوب ضلعي جي علائقي سمبازا ۾ ڳولي خارجي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي ڪاروائي دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان جي عبوري حڪومت کان مطالبو ٿو ڪري ته بارڊر تي سختي ڪن دراندازي کي روڪيو وڃي. پاڪستان اميد ظاهر ڪئي ته طالبان حڪومت پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ کان روڪيندي.










