بشريٰ بي بي جي 3 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت رد

بشريٰ بي بي جي 3 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ باني جي زال بشريٰ بي بي جون عبوري ضمانت جون درخواستون رد ڪيون ويون.ايڊيشنل سيشن جج محمد افضل مجوڪا عبوري ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي جي وڪيل خالد يوسف چوڌري حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي.پراسيڪيوٽر اقبال ڪاڪڙ چيو ته انهن پنهنجا ضمانتي مچلڪا جمع نه ڪرايا.جج پڇيو، “توهان اڃا تائين ضمانت جا بانڊ ڇو نه جمع ڪرايا آهن؟،وڪيل خالد يوسف چوڌري جواب ڏنو ته اڄ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو آهي، بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل وڃڻو آهي،جنهن تي جج چيو ته توهان عدالت جي حڪم تي عمل نه ٿا ڪري رهيا، توهان جون 3 عبوري ضمانت جون درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو