ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)شهر قائد ۾ 24 ڪلاڪن دوران ٽريفڪ حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. اطلاعات موجب شهيد ملت روڊ بلوچ ڪالوني ٽريڪ تي ٽينڪر کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب ڪار ۾ سوار شخص موٽرسائيڪل تي سوار ماڻهن سان ٽڪرائجي ويو، جنهن بعد پويان کان ايندڙ واٽر ٽينڪر ٻنهي موٽرسائيڪلن کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. بلديا ٽائون ويجهو حب ريور روڊ تي واٽر ٽينڪر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽينڪر ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس موجب ڪاٺوڙ ڀرسان ڪار سوار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ڪوسٽ گارڊ اهلڪار به فوت ٿي ويو، ڪار سوار ڪجهه فاصلي تي وڃڻ بعد ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڪار سوار جي ڳولا جاري آهي. ڪورنگي ۾ چمڙا چورنگي وٽ ڪار جو موٽرسائيڪل سوار کي ٽڪر، موٽرسائيڪل نالي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪار سوار موقعي تان فرار ٿي ويو.










