اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت 3 درخواستون غير تعميل ڪرڻ تي رد ڪري ڇڏيون.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار قيوم خان، محمود اختر ۽ ميان شبير عدالت ۾ پيش نه ٿيا.ٽنهي درخواستگذارن 2024ع جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي درخواست داخل ڪئي هئي.ٻئي طرف آئيني بئنچ 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڌانڌلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سياري جي موڪلن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پي ٽي آءِ جي وڪيل حامد خان ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي.وڪيل حامد خان چيو ته نوٽيس نه مليو جنهن سبب ڪيس تيار نه ٿي سگهيو، ڪيس سياري جي موڪلن کانپوءِ طئي ڪيو وڃي.جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل حامد خان کي چيو ته اوهان کي نوٽيس موڪليو ويو آهي، اوهان جي اي او آر سان رابطو ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي.










