نصرت ڪئنال کي روڻيون، بند ڪمزور، گهاري پوڻ جو خطرو

نصرت ڪئنال کي روڻيون، بند ڪمزور، گهاري پوڻ جو خطرو

ڪوٽ لالو(باغ علي) نصرت ڪئنال کي آرڊي 146 ۽147 کان روڻيون، فصل پاڻي هيٺ، بند ڪمزور هجڻ ڪري ڪئنال کي وڏو گهارو پوڻ جو خطرو، مختلف ڳوٺاڻن پاران ڪئنال جي ڪپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو وي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن طارق حسين،  بهارو خان خاصخيلي، مهراب خان شر، محمد اٽل شر، عطا محمد ۽ ٻين چيو ته نصرت ڪئنال ۾ پاڻي حد کان وڌيڪ ڇڏيو ويو آهي ۽ بند به ڪمزور آهن جنهن ڪري ڪئنال کي روڻيون پوڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ اسان رات ڏينهن ويهي چونڪي ڏيڻ لڳا آهيون ڇاڪاڻ ته ڪنهن به وقت وڏو گهارو پئجي سگهي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ غريبو خاصخيلي، ڳوٺ  مٺل خاصخيلي، ڳوٺ نهال خان شر، ڳوٺ شبير بڙدي، ڳوٺ عبدالله آرائين سميت 20  کان مٿي ڳوٺن کي خطرو آهي. ڳوٺاڻن وڏي وزير، آبپاشي جي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پاڻي گهٽائي ڪئنال جي بند کي مضبوط ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو