لاڪ اپ ۾ جوابدار جي موت، ايس پي خلاف ٻڌڻي ملتوي

لاڪ اپ ۾ جوابدار جي موت، ايس پي خلاف ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ايس پي ڪلفٽن نيئرالحق جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت ۾ اڳوڻي ايس پي ڪلفٽن نيئرالحق جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت درخواستگذار جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.درخواست ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته ضمني چالان ۾ ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي کي منتقل ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته درخواست ڏيندڙ خانگي ڪم لاءِ برطانيا وڃڻ جو خواهشمند آهي، درخواستگذار جو نالو پروويشنل قومي سڃاڻپ واري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته نيئر الحق درخشان ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ مارجي ويل جوابدار جي ڪيس ۾ شريڪ جوابدار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو