اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ عاليه نيلم جي مقرري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ آئيني بئنچ ٽٽي وئي.جسٽس امين الدين ۽ جسٽس جمال مندوخيل ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي.آئيني بئنچ ڪيس کي ٻي آئيني بينچ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جسٽس امين الدين ۽ مان جڊيشل ڪميشن جا ميمبر آهيون، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي مقرري واري جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر هو.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سينيئرٽي بنيادي حق ناهي، سينيئرٽي کانسواءِ چيف جسٽس جي مقرري جا ماضي ۾ به مثال موجود آهن.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪميشن جا 2 جج ڪيس جي ٻڌڻي نٿا ڪري سگهن، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري واري ڪيس ۾ عدالتي ڪميشن کي به ڌر بڻايو ويو آهي.










