بولاوائيو(ويب ڊيسڪ)پاڪستان زمبابوي کي ٽن ميچز جي ٽي ٽوئنٽي ميچز جي پهرين ميچ ۾ 57 رنز تان شڪست ڏئي فتح جو کاتو کوليو آهي. هڪ موقعي تي زمبابوي جي بيٽسمين ميچ پنهنجي حق ۾ ڪري ڇڏي هئي پر پاڪستاني بالرن پاڪستان کي ميچ ۾ واپس آندو. طيب طاهر کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ابرار احمد شروعاتي بريڪ ٿرو ڪيو 3.3 اوورن ۾ 28 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، اسپنر صفيان مقيم 4 اوورن ۾ 20 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، حارث رئوف 3 اوورن ۾ 17 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ۽ جهانداد خان 3 اوورن ۾ 31 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي، عباس آفريدي 2 اوورن ۾ 12 رنز ڏنيون پر کيس وڪيٽ نه ملي. سڪندر رضا 4 چوڪن جي مدد سان 28 بالن تي 39 رنز ٺاهيون اوپنر مروماني هڪ ڇڪو ۽ 4 چوڪا هڻي 20 بالن تي 33 رنز ٺاهيون، ٻيو ڪو به بيٽر ڊبل فگر ۾ نه اچي سگهيو. ان کان اڳ زمبابوي خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر 165 رنز اسڪور ڪيون. ٽاس کٽڻ بعد ڪپتان سلمان علي آغا هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هو پهريان بيٽنگ ڪندو ڇو ته وڪيٽ آخري ون ڊي وانگر لڳي رهي آهي. عمير يوسف ۽ صائم ايوب اننگ اوپن ڪئي، عمير يوسف هڪ چڪو ۽ جڪ چوڪو هڻي 14 بالن تي 16 رنز اسڪور ڪري ڪيچ ٿي ويو.. جنهن بعد عثمان خان پهرين ئي بال تي سلپ ۾ ڪيچ ٿيڻ کان بچي ويو ڇو ته ڪپتان سڪندر رضا ڪيچ ڊراپ ڪيو ۽ بيٽر کي 3 رنز مليون. صائم ايوب هڪ ڇڪو ۽ 2 چوڪا هڻي 18 بالن تي 24 رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويو. 7.4 اوورن م 57 جي اجتماعي اسڪور تي ٻئي اوپنر آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد ڪپتان سلمان خان جنهن ٽوٽل 5 ميچ کيڏيا آهن ۽ سندس وڌ ۾ وڌ اسڪور 4 رنز جو آهي تنهن 19 بالن تي 13 رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويو. ان کان اڳ عثمان خان هڪ ڇڪو ۽ 4 چوڪا هڻي 30 بالن تي 39 رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد طيب طاهر ۽ عرفان نيازي اسڪور اڳتي وڌايو ۽ ٻئي ناٽ آئوٽ رهيا. طيب هڪ ڇڪو ۽ 4 چوڪا هڻي 25 بالن تي 39 رنسون ٺاهيون ۽ نيازي 3 چوڪا هڻي 15 بالن تي 27 رنز ٺاهيون.










