لاهور ۾ اسموگ نه گهٽيو، هڪ هفتو اسڪول بند رکڻ جو اعلان

لاهور ۾ اسموگ نه گهٽيو، هڪ هفتو اسڪول بند رکڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسموگ سبب پنجاب حڪومت لاهور جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ هڪ هفتو موڪل جو اعلان ڪيو آهي. پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته 4 کان 9 نومبر تائين تعليمي ادار بند رهندا. هن چيو ته ڀارت کان هوا ذريعي دونهون اچي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ يا رخ موڙڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته اسموگ روڪڻ لاءِ ڀارت سان ڳالهين کانسواءِ ڪو رستو ناهي، ڇو ته ٻنهي ملڪن کي گڏجي اپاءُ وٺڻا پوندا. هن چيو ته پنجاب حڪومت ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت کي 4 نومبر تي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيئن جلد کان جلد ٻنهي ملڪن ۾ڳالهيون شروع ڪري سگهجن. هن چيو ته لاهور آچر تي به دنيا ۾ آلوده فضا جي لحاظ کان پهرين نمبر تي آهي. ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي. هن چيو ته عوام کي درخواست آهي ته گهرن جا در دريون بند رکن، غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه اچن ۽ سڀني کي ماسڪ پائڻ گهرجي. هن چيو ته دونهون خارج ڪندڙ فيڪٽريون هجن يا گاڏيون انهن خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي، خلاف ورزي ڪندڙ شهرين کي به ڏنڊ ۽ قيد جي سزا ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو