مراد ، حماد اظهر سميت پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جا وارنٽ جاري

مراد ، حماد اظهر سميت پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جا وارنٽ جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد 9 مئي تي باهه لڳڻ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي فيصلو ٻڌايو.عدالت گلبرگ ٿاڻي ۽ ٻين ڪيسن ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.عدالت مراد سعيد، ميان اسلم اقبال، حماد اظهر، فرحت عباس، واثق قيوم، زبير نيازي ۽ حامد رضا گيلاني جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.عدالت جوابدارن کي گرفتار ڪري 7 نومبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو