حزب الله جو اسرائيلي وزيراعظم جي گهر تي ڊرون حملو

حزب الله جو اسرائيلي وزيراعظم جي گهر تي ڊرون حملو

بيروت(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي رهائشگاهه تي لبنان کان ڊرون حملو ڪيو ويو آهي. الجزيره ٽي وي جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته لبنان کان شروع ڪيل ڊرون تل ابيب جي اتر ۾ قيصريا ۾ نتن ياهو جي رهائشگاهه کي نشانو بڻايو. ترجمان جو چوڻ هو ته حملي وقت اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ سندس گهر ڀاتي قيصريه ۾ موجود نه هئا، هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.اسرائيل جي فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته لبنان مان اسرائيل ۾ داخل ٿيندڙ ٻن ٻين ڊرونز کي ڪيرايو ويو آهي. هي حملو اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن آمريڪي صدر جو بائيڊن جو اهو بيان سامهون آيو آهي ته لبنان ۾ جنگ بندي ٿي سگهي ٿي پر غزا ۾ مشڪل آهي. جرمني جي دوري تان واپسي تي آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ايران اسرائيل جهيڙو ڪجهه عرصي لاءِ ختم ڪري سگهجي ٿو. ياد رهي ته 17 نومبر تي نيتن ياهو حماس اڳواڻ يحيٰ سنوار جي قتل جو اعلان ڪندي چيو هو ته اڃان اسانجو مشن مڪمل ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو