اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) سربراهي ڪانفرنس جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي.جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خطي کي ڊجيٽل، ريل، رود رستي ڳنڍيو ويندو، ايس سي او بئنڪ ۽ سيرپڪاري فنڊ قائم ڪيو ويندو. ميمبر ملڪن جي سرمائيڪارن جي ڪائونسل به قائم ٿيندي جيڪا مختلف رٿائن م سيڙپ ڪندي. ايس سي او ڪانفرنس جي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته عوام کي سياسي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي رستي جو آزادانه ۽ جمهوري طور تي چونڊ جو حق حاصل آهي. رياستن جي خودمختاري، آزادي ۽ علاقائي سالميت جو گڏيل احترام پائيدار ترقي جي بنياد آهن. طاقت جي استعمال جي ڌمڪي نه ڏيڻ جو اصول عالمي لاڳاپن جي پائيدار ترقي جي لاءِ بنياد آهي.گڏيل پڌرنامي ۾ ملڪن وچ ۾ اختلاف ۽ تڪرار ڳالهين ۽ مشاورت جي ذريعي حل ڪرڻ جي ارادن جو اظهار ڪندي چيو ويو ته عالمي اتحاد، منصفانه امن، هم آهنگي ۽ ترقي جي لاءِ يو اين جنرل اسيمبلي مان قرارداد منظوري جي تجويز کي هٿي ڏينداسين. پڌرنامي موجب ايس سي او سيڪريٽريٽ جي رپورٽ ۽ 2025 جي بجيٽ جي منظوري به ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ايس سي او ميمبر ملڪن جي سربراهن جو ايندڙ اجلاس 2025 ۾ روس ۾ ٿيندو ۽ تنظيم جي سربراهي پاڪستان کان روس کي منتقل ڪئي وئي. گڏيل پڌرنامي موجب سياست، سلامتي، واپار، معيشت، ماليات ۽ سرمائيڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏينداسين عالمي واپار ۾ رنڊڪون، سرمائيڪارن جي سرمائيڪاري ۾ گهٽٽائي غير يقيني صورتحال جو سبب بڻجي رهي آهي. سپلاءِ چين ۾ رنڊڪ عالمي مالياتي منڊين ۾ غير يقيني صورتحال جو سبب بڻجي رهي آهي. خدشاتي واپاري قدمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون.ڪانفرنس جي پڌرنامي ۾ زرعي تعاون کي هٿي ڏيڻ واري پروگرام جي منظوري ڏيندي چيو ويو آهي ته عالمي غذائي تحفظ، غذائيت ۾ بهتري ۽ جاچ واري تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته نوجوانن جي پاليسي ۾ تعاون ۽ سائنسي، ٽيڪنالاجي ۾ دلچسپي رکندڙ پروگرامز جي ترجيح تي به زور ڏنو ويو.ايس سي او پڌرنامي موجب هڪطرفيون پابنديون لاڳو ڪرڻ عالمي قانون جي اصولن سان هڪ جهڙائي نٿو رکي. هڪ طرفين پابندين جي لاڳو ٿيڻ سان ٽئين ملڪ ۽ عالمي اقتصادي لاڳاپن تي منفي اثر پوندو آهي.پڌرنامي موجب اجلاس ۾ بيلاروس، ايران، قازقستان، ڪرغزستان، پاڪستان چين جي ون بيلٽ ون روڊ قدمن جي حمايت جو ارادو ظاهر ڪيو. روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان به چين جي ون بيلٽ ون روڊ قدمن جي حمايت جو ارادو ظاهر ڪندي رابطي کي هٿي ۽ موثر ٽرانسپورٽ ڪوريڊور جي ترقي، ريلوي صنعت ۾ جديد ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالوجيز جي استعمال جي حمايت جو ارادو ظاهر ڪيو ويو. ايس سي او سمٽ جي گڏيل پڌرنامي ۾ سڀني ميمبر ملڪن مائڪرو، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ادارن جي ترقي اقتصادي ترقي کي تيز ڪرڻ ۽ نوڪريون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون. ايس سي او اجلاس ميمبر ملڪن جي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي هدايت ڪئي ته ايس سي او ڊولپمينٽ بئنڪ، ايس سي او ڊولپمينٽ فنڊ ۽ ايس سي او انويسٽمينٽ فنڊ جي قيام تي صلاح مشورا تيز ڪري فيصلا ڪيا وڃن. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ايس سي او جي جنرل سيڪريٽري گڏيل بريفنگ ڏني.










