شهريار خان شر تي ڌاڙيلن جو حملو، 2 ساٿي فوت 2 زخمي

شهريار خان شر تي ڌاڙيلن جو حملو، 2 ساٿي فوت 2 زخمي

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند) شر قبيلي جي سردار شهريار خان شر تي رونتي واري ڪچي جي علائقي ۾ نامعلوم ڌاڙيلن مبينه طور حملو ڪيو آهي. شهر يار خان شر جي پٽ جهانگير خان شر جاري ڪيل ويڊيو پيغام ۾ ٻڌايو آهي ته ڌرين ۾ مقابلو جاري آهي. هن پوليس ۽ پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي شرن جي چيف سردار شهريار خان شر جي مدد جي اپيل ڪئي آهي.جنهن بعد شر برادري جا سوين هٿيار بند ماڻهو ۽ وڏي تعداد ۾ پوليس ڪچي پهتي. پوليس موجب ايس ايس پي گهوٽڪي بڪتر بند گاڏي ۾ شهر يار خان شر کي ريسڪيو ڪري تعلقي اسپتال آندو آهي. مقابلي ۾ شهر يار خان شر جا 2 ساٿي عمر خان شر ۽ ڏهرڪي واسي وڏيرو علي محمد شر موقعي تي مارجي ويا آهن، جن جا لاش پوليس اوٻاوڙو جي تعلقي اسپتال پهچايا آهن. ٻن زخمين جو به علاج ڪيو پيو وڃي. پوليس موجب شهريار خان شر جو دوست جان محمد بگٽي ۽ گارڊ سهراب شر زخمي آهن. شر برادري جا سوين ماڻهو تعلقي اسپتال پهتا آهن. واقعي بابت شهر يار شر جو بيان سامهون ناهي اچي سگهيو آهي. ڪچي ۾ جنهن جاءِ تي مقابلو ٻڌايو پيو وڃي، ان ۾ شر، سيلرا ۽ ڌانڌو قبيلن جا ماڻهو ويٺل آهن پر اڃا اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته ڌاڙيلن جو تعلق ڪهڙي قبيلي سان آهي.

آئون ڪمند جي فصل ۾ وڃي پنهنجي جان بچائي،شر

اڳوڻي ايم پي اي سردار مير شهريار خان شر جي اوٻاوڙو ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه، ڪمند جي فصل ۾ لڪيل ڏوهارين منهنجي گاڏي تي فائرنگ نتيجي ۾ فرنٽ سيٽ تي ويٺل منهنجو دوست موقعي تي قتل ٿي ويو، ڏوهاري گاڏي مٿان فائرنگ ڪندا رهيا، گاڏي آئون ڊرائيوو ڪري رهيو هيس آئون گاڏي کي تيز اسپيڊ ۾ ڪڍي ويس، ڪجهه مفاصلي تي منهنجي گاڏي بند ٿي وئي، آئون ڪمند جي فصل ۾ وڃي پنهنجي جان بچائي، ٻنهي پاسن کان ڪمند جو فصل هو، ڪمند جي فصل ۾ لڪل ڏوهاري مسلسل فائرنگ ڪندا رهيا، هن چيو ته منهنجا گارڊ ڏوهارين مٿان جوابي فائرنگ ڪندا رهيا، مون مٿان 15 کان وڌيڪ ماڻهن حملو ڪيو، ايس ايس پي گهوٽڪي تعاون ڪري پيو، فوري رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي گهوٽڪي پهتو، ۽ آئون پنهنجي قيادت جو شڪرگذار آهيان جن مون مٿان حملي جو فوري طور تي نوٽيس ورتو، صحافين جي هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي ايم پي اي چيو ته مون تي حملي جي خبر باهه جيان ڦهلجي وئي پوءِ جيڪو شر جتي هيو اهو اتان نڪتو هاڻي مون کي خبر پئي آهي ته ڏوهارين جي فائرنگ ۾ عمر شر پڻ قتل ٿي ويو آهي، هن چيو ته واقعي ۾ منهنجو گارڊ سهراب شر ۽ جان محمد بگٽي زخمي ٿيو آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته واقعي جي پوليس انويسٽيگيشن ڪري رهي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو