اسلام اباد(بيورو رپورٽ) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح وفد سان گڏ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ سعودي سيڙپڪاري واري وزير وچ ۾ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته مختلف شعبن ۾ ڀائراڻي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سعودي بادشاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جو پاڪستان لاءِ غير متزلزل حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. آرمي چيف وفد کي پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ عزم جو وڌيڪ يقين ڏياريو ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ بهتر نتيجن جي اميد ظاهر ڪئي.جنرل عاصم منير چيو ته وڏي واپاري وفد جو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي تصديق ڪري ٿو، پاڪستاني عوام ۾ سعودي عرب لاءِ بيحد عزت ۽ محبت آهي. ياد رهي ته 130 سعودي بزنمينس جي وفد سان گڏ سعود وزير اربع تي 3 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو هو ۽ مختلف شعبن ۾ 2 ارب دالر کان مٿي جي سيڙپڪاري بابت معاهدن جو امڪان آهي.










