اسلام آباد( رپورٽ اياز مهر) حڪومت سڄو ڏينهن ڀرپور ڪوششون ڪرڻ جي باوجود تجويز ڪيل آئيني ترميم بل تي گهربل حمايت حاصل نه ڪري سگهي. جنهن سبب نه ڪابينا جو اجلاس ٿي سگهيو ئي نه ئي قومي اسمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن جي ڪاروائي هلي سگهي. ٻنهي ايوانن جي رسمي ڪاروائي رات يارهين وڳي بعد ٿي جنهن ۾ ڪاروائي 16 سيپتمبر صبح ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. ٽي ڀيرا وفاقي ڪابينا ۽ ٽي ٽي ڀيرا سينيٽ ۽ قومي اسمبلي جي ايوانن کي ري شيڊول ڪيو ويو پر بل پيس نه ٿي سگهيو. ميان نواز شريف لاهور مان سيڙجي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد آيو پر ووٽنگ جي نوبت نه اچي سگهي. مولانا فضل الرحمان جو گهر سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻيل رهيو. حڪومت ۽ اپوزيسن جي پي ٽي آءِ جا وفد ايندا ويندا رهيا. صادق سنجراڻي سردار اختر مينگل کي بل جي حمايت لاءِ چيو هن چيو ته 2 هزار لاپتا ماڻهو سامهون آڻيو ته ووٽ ڏيندس. سڀني پارٽين جا ميمبر سڄو ڏينهن پاليامينت جي غلام گردشن ۾ ڦرندا رهيا ۽ ڪيترا ميمبر اوباسيون ڏيندا رهيا. رات جو عشا جي نماز بعد مولانا فضل الرحمان پارليامينٽ آيو ۽ هڪومت کي مشورو ڏنو ته آئيني ترميم اهم معاملو هي، هن تي مشاورت ڪريو جلد بازي نه ڪريو. هن چيو ته اسانکي آئيني ترميم جو مسودو به ناهي ڏنو ويو. ساڳئي شڪايت پي ٽي اءِ جي عمرايوب به ڪئي. اپوزيشن جي مخالفت بعد چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جي تجويز ختم ڪئي وئي پر ججن جي عمر وڌائن جو فيصلو برقرار آهي. جنهن جي منطوري بعد چيف جسٽس جي مدت خود بخود وڌي ويندي. حڪومتي اتحاد توڙي اپوزيشن اتحاد جا اڪثر ميمبر ترميمي بل جي مسودي کان ان ڄاڻ هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالتي سڌارن جي آڙ ۾ ججن جا اختيار محدود ڪرڻ ۽ عدالتي معاملن ۾ حڪومتي غلبي جو شڪ ظاهر ڪيو ٿو وڃي. اڪثر قانوني ماهرن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن آئين ترميم عوامي ۽ رياست جي مفاد ۾ آهي ته ان کي ڳجهو ڇو .ٿو رکيو وڃي؟ حڪومت پاران غير شفاف رويو اختيار ڪرڻ سبب ڪافي سوال اڀرن ٿا ته آخر اهو ڇا آهي جيڪو لڪايو پيو وڃي؟ ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ اڌ معاملا اهڙا آهن جن تي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ به اختلاف راءِ موجود آهي، حڪومت بظاهر مولانا جي اختلاف جو بهانو ڪيو آهي. جيڪڏهن حڪومت متفق هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ڪابينا جو اجلاس ملتوي نه ڪري ها. ڪجهه تجزيا ڪارن جو چوڻ آهي ته بظاهر حڪومت پاڻ به ڪنفوزن جو شڪار آهي جيڪڏهن دال م ڪجهه ڪارو ناهي ته ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي ها ۽ بل جي متن کي ڳجهو نه رکيو وڃي ها.










