ڪشمور (ن س) ضلعي ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، اڱاري تي محمدي پئٽرول پمپ جي مالڪ مشتاق احمد کوسو کان نامعلوم هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو 12 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هن ٻڌايو ته 3 هٿياربند موٽر سائيڪل تي آيا ۽ پمپ تان ڦر ڪري ويا. ڪشمور ۾ هر آئي ڏينهن ڏوهارين پاران شھرين کي لٽيو پيو وڃي ڪشمور پوليس امن امان برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي شھري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. مشتاق احمد کوسو ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ڪيو آهي ته منهجا ڦر ٿيل پئسا واپس ڪرائي ڏنا وڃن ۽ ڏوهارين کي سخت سزا ڏني وڃي.










