اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي انٽرا پارٽي چونڊ نه ڪرائڻ تي خميس تي طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان ڪيس جي ٻڌڻي نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن ڪندي، ڪميشن جو موقف آهي ته جميعت علماءِ اسلام (ف) اڃا تائين انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرايون آهن ۽ نه ئي ان جو سرٽيفڪيٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو آهي. اليڪشن ڪميشن جمعيت علماءِ اسلام (ف) کي نوٽيس جاري ڪندي مولانا فضل الرحمان کي خميس تي صبح 10 وڳي طلب ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏيندي سندن بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺي ڇڏيو هو.










