ملتان(ويب ڊيسڪ)شهر ۾ طوفاني برساتن ماضي جي 48 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، رڳو 2 ڪلاڪن ۾ 147 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ترجمان واسا ملتان موجب ان کان اڳ 134.5 ملي ميٽر برسات 1976ع ۾ رڪارڊ ٿي هئي. ملتان ۾ تيز برسات سبب شهر جي بوسن روڊ، حسن پروانا روڊ، شاهين مارڪيٽ ۽ گلگشت جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو. برسات سبب عام زندگي سخت متاثر ٿي وئي آهي، شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. موسميات کاتي موجب برسات جو سلسلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندو. ڊپٽي ڪمشنر ملتان موجب سڄي ضلعي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، شهري احتياطي اپاءَ وٺن.










