چوٿين ڏينهن جي راند، بنگلاديش 565 رنسن تي آل آئوٽ

چوٿين ڏينهن جي راند، بنگلاديش 565 رنسن تي آل آئوٽ

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان جي 448 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 565 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پنڊي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن بنگلاديش پنهنجي پهرين نامڪمل اننگز 316 رنسن تي 5 وڪيٽن جي نقصان تي شروع ڪئي، مشفق الرحيم 55 رنسون ۽ لٽن داس 52 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هئا، پر لٽن داس پنهنجي گذريل ڏينهن جي اسڪور ۾ صرف 4 رنسون جو اضافو ڪيو ۽ نسيم شاهه کي وڪيٽ ڏئي ويٺو. ٻئي طرف مشفق الرحيم پنهنجي ذميواراڻي بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ 191 رنز ٺاهي محمد علي جي بال تي وڪٽ پٺيان ڪيچ ٿيو. هن جي آئوٽ ٿيڻ بعد ٽيم جا باقي بيٽسمين به جلد پويلين موٽي ويا ۽ پوري ٽيم 565 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. بنگلاديش جي ٻين بيٽسمينن ۾ شادمان اسلام 93 رنسون، مهدي حسن ميراز 77 ۽ مومن الحق 50 رنسون اسڪور ڪيون.پاڪستان طرفان نسيم شاهه 3، شاهين آفريدي 2، محمد علي 2 ۽ خرم شهزاد 2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته صائم ايوب هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ محمد رضوان جي 171 ۽ شعود شڪيل جي 141 رنسن جي بدولت 448 رنسون ٺاهيون هيون ۽ گرين ڪيپس 6 رانديگرن جي نقصان تي اننگز ڊڪليئر ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو